ريبان ڍورو

ريبان ڍورو: هي ڍورو، سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري جو نشان آهي. دادو تعلقي ۾ دادو ڪئنال سان غلام چانڊئي ڳوٺ لڳ خشڪن جي ڳوٺ تائين هيءُ ڍورو ’ميڻي‘ سڏجي ٿو. ان کان پوءِ اُن جو ٽيون حصو ’ريبان‘ سڏيو وڃي ٿو. هي پراڻا درياهي ڀڏا ظاهر ڪن ٿا ته سنڌوءَ پورالي نديءَ طور ساري سنڌ کي اٿلايو آهي. ريبان جي ڪناري تي ٺهيل ڳوٺ ايترا قديم نه آهن، پر هي ڍورو تمام قديم آهي. درياهي ڦاٽ ۽ پراڻ جا وروڪڙ ثابت ڪن ٿا ته هي نياڻ درياهه جا ڇڏيل حصا آهن. هن جي ڪناري موندر، ڳوٺ خشڪ، ڳوٺ پنهور، ڳوٺ چانڊيا، ملڪ ڳوٺ، ڳوٺ کيڙا وغيره آباد آهن. هن ڍوري جو آخري حصو ’ڀاوان‘ سڏجي ٿو، جيڪو کجي واهه کان اولهه ۾ ريل ٽپي پير ڳڻيي جي ڍنڍ جي اوڀر ۾ اڃا موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو